دماغ جو پاتال

دمـاغ جـو پـاتال (ويسر جي بيماري: (Alzheimer’s Disease- Dementia: دماغ جي پاتال جي هن بيماريءَ بابت پهريون ڀيرو جرمنيءَ جي نيورولاجسٽ ڊاڪٽر الزهمير (1915-1864 : Alzheimer) ڄاڻ ڏني. ان ڪري هن بيماريءَ جو نالو به ڊاڪٽر الزهيمر جي نالي تي رکيو ويو آهي. هيءَ دماغ جي پاتال جي اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ مريض کي ڪنهن به سامهون نظر ايندڙ شيءِ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهندي آهي، تنهن کانسواءِ مريض کان هر شي وسري ويندي آهي، ايستائين جو کيس پنهنجي وجود جي به خبر نه پوندي آهي ته هو ڪهڙي جهان ۾ آهي. ڪيترين حالتن ۾ ڳالهائڻ به ڇڏي ڏيندو آهي. مطلب ته دماغ پاتال ۾ هليو ويندو آهي، ڇو ته هن بيماريءَ ۾ مريض جو وڏو دماغ (Cerebral) پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ دماغ جي جيو گهرڙن (Nerve Cells) ۾ تباهي اچي ويندي آهـي. وڏي دمـاغ ۾ انـسـان جـي جيـون جـا گهـڻـا مـرڪـز قـائـم آهـن، ڏسڻ ۽ سڃـاڻـپ جـي هـن مـرڪـز (Visual Area) کان سـواءِ ڳـالـهـائـڻ جـو مــرڪـز (Brochas Area) ٻــڌڻ وارو (Auditory Area) مـرڪـز، بـصـري (ڏســڻ) (Visual Area) مـرڪـز، سـنگهـڻ وارو (Factory Area) مـرڪز ۽ ذائقي جو (Test Area) مـرڪـز، اُهـي سڀ مرڪز دماغ جي حرڪي (Motor) ۽ خابرو، (Sensory) تنتن جي ذريعي پنهنجن مرڪزن ۾ قائم آهن. جيڪي مرڪز حـرڪـي نـظـام سـان تـعـلـق رکـن ٿـا، انهـن جو مرڪز Motor Cortex آهي ۽ جيڪي مرڪز خابرو (حسي) نظام سان تعلق رکن ٿا، انهن جو مرڪز Sensory Cortex ۾ آهي. هنن سڀني مرڪزن جو رابطو (Co-ordination) هڪ ٻئي ساڻ آهي. تنهنڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن هن دماغي پاتال جي بيماريءَ جي خاص مرڪز (Visual Area) ۾ تباهي ايندي آهي ۽ هي مرڪز پنهنجو ڪم ڇڏي ڏيندو آهي ته ان سان گڏ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ٻيا به دماغي مرڪز پنهنجو ڪم ڇڏي ڏيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن بيماريءَ سان ٻيا به انساني حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن.
دماغي تباهيءَ جا ڪارڻ (Aetiology): هن بيماريءَ جي ٿيڻ جا ڪيترا سبب آهن، جن ۾ سڀنيءَ جو واسطو وڏي دماغ سان آهي. جيئن ڪو صدمو Shock، وڏي دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ (Traumati Injury of Cerebrum) دماغ جا گومڙ (Brain Tumors) دماغي تنتن جون بيماريون (Cerebral Vascular diseases) دماغ جون رڳون ٽٽي پوڻ (Brain Haemorrhage) دماغي ۽ نفسياتي بيمارين ۾ زوردار دماغ کي سُن ڪرڻ/ نشي واريون دوائون (Neuro Sedative Drugs) دماغي خلل Dementia، ۽ گهڻــي ڪمــزوري (Perniciou Anaemia) اهڙا سبب آهن، جيڪي هن قسم جي دماغي بيماريءَ جو سبب بڻجن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو